شرح مائة عامل

شرح مائة عامل (ڪتاب): هي عربي ٻوليءَ جي گرامر تي لکيل ڪتاب ‘مائة عامل’ جي نالي عبدالقاهر الجرجاني جو لکيل آهي، جنهن جي شرح فارسيءَ ۾ پڻ لکيل آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مدرسن ۾ عام پڙهايو وڃي ٿو. ڊيمي سائيز ۾ 52 صفحن تي مشتمل هي شاهڪار ڪتاب ڪافي آڳاٽو ڇپيل آهي. جنهن جي قيمت ۽ سن ڄاڻايل نه آهي. ڪتاب کي پڪو جلد ٻڌرائي مولوي عبدالرحيم مگسي 1928ع ۾ پنهنجو نالو لکي هيءُ شعر لکي ٿو:
“مالڪ اين ڪتاب خوش دلباد،
دشمن اِين ڪتاب در گل باد.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو